سپريم ڪورٽ بار جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد

سپريم ڪورٽ بار جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سپريم ڪورٽ بار جي نئين چونڊيل صدر رئوف عطا سميت سمورن ڪامياب اميدوارن کي مبارڪباد ڏني آهي. بلاول هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته مون کي يقين آهي ته ميان رئوف عطا جي قيادت ۾ سپريم ڪورٽ انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائيندي.بار جي چونڊ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته قانوني برادري انصاف، احتساب ۽ جمهوريت جي اصولن جي عزم کي اهميت ڏئي ٿي. عاصمه جهانگير گروپ جي شاندار ڪاميابي ان ڳالهه جي علامت آهي ته وڪيل برادري پنهنجي اصولن تي عمل ڪري رهي آهي. عاصمه جهانگير جي انساني حقن ۽ انصاف لاءِ اڻٿڪ جدوجهد جو ورثو ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راهه آهي. پيپلز پارٽي ۽ وڪيل برادري انصاف، جمهوري ادارن جي استحڪام ۽ انساني حقن جي بهتري لاءِ جدوجهد ۾ اتحادي آهن. ياد رهي ته چونڊن ۾ حامد خان گروپ کي شڪست ملي آهي. مولانا فضل الرحمان به نئين چونڊيل صدر ۽ عهديدارن کي مبارڪ ڏني آهي. ياد رهي ته 26 هين آئيني ترميم جي آزاد گروپ العروف عاصما جهانگير گروپ حمايت ڪئي هئي ۽ حامد خان گروپ مخالفت ڪندي تهريڪ جي ڌمڪي ڏني آهي. اهڙي موقعي تي بار جي چونڊ جا نتيجا حامد خان گروپ لاءِ وڏو ڌچڪو آهي. پي پي ، مسلم ليگ (ن) ۽ جي يو آءِ آزاد گروپ جي حمايت ڪئي هئي. جنرل سيڪريٽري لاءِ پروفيشنل گروپ جو سلمان منصور آزاد گروپ جي ملڪ زاهد اعواڻ کي شڪست ڏني آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو