سپريم ڪورٽ بار جي سيڪريٽري پاران 26هين آئيني ترميم چئلينج

سپريم ڪورٽ بار جي سيڪريٽري پاران 26هين آئيني ترميم چئلينج

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ بار جي سيڪريٽري سلمان منصور 26هين آئيني ترميم کي چئلينج ڪري ڇڏيو.سپريم ڪورٽ بار جي سيڪريٽري جي درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته 26هين آئيني ترميم کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل درخواست ۾ ججن جي انگ ۾ واڌ ۽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون ۾ ترميم کي به ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جڊيشل ڪمشنر کي ججن جي مقرري کان روڪڻ جا سمورا قدم، آئيني ترميم تحت مقررين ۽ ٻين سمورن قدمن کي به ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته آئيني ترميم بنيادي حقن ۽ عدليه جي آزادي جي اصولن سان سڌي ٽڪراءَ ۾ آهي، جڊيشل ڪميشن ۾ ايگزيڪيوٽو اڪثريت عدليه جي معاملن ۾ مداخلت آهي.ان حوالي سان سيڪريٽري سپريم ڪورٽ بار جو چوڻ آهي ته 26هين آئيني ترميم لاءِ جيڪو طريقو اختيار ڪيو ويو آهي اهو ڪنهن به ريت جمهوري نه هو، پارليامينٽ جي ڪيترن ئي ميمبرن مٿن دٻاءُ ۽ اغوا جو الزام لڳايو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو