ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب جو چوڻ آهي ته سٽي ڪائونسل کي قانون موجب ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي، واعدو آهي ته مثبت تبديلي نظر ايندي.هڪ بيان ۾ مرتضيٰ وهاب چيو ته مخالف ڌر کان مخالفت جي اميد ناهي، رياستي ادارا مخالفت نه ڪن.هن چيو ته شهر ۾ 25 شهري آهن، پيپلز پارٽي، جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ گڏجي ڪم ڪنديون ته بهتر خدمت ڪري سگهندا.ميئر ڪراچي چيو ته هو ڏهن ڏينهن ۾ اعلان ڪندو ته هو ڪهڙي تڪ تان چونڊ وڙهندو.










