زال نه ڏيڻ تان جوابدار جي فائرنگ، سهرو ۽ سالي زخمي

زال نه ڏيڻ تان جوابدار جي فائرنگ، سهرو ۽ سالي زخمي

سيوهڻ (ن س)سيوهڻ جي کوسا پاڙي ۾ جوابدار حبيب الله ٻرڙي زال نه ڏيڻ تان گوليون هڻي سهري رسول بخش لانگاهه ۽ سالي بينظير کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو.واقعي بعد وارثن زخمي ٿيل پيءُ ۽ ڌيءَ کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سيوهڻ جي اسپتال پهچايو جتان شروعاتي علاج بعد ٻنهي کي حيدرآباد جي اسپتال منتقل ڪيو ويو. زخمي رسول بخش لانگاهه جي پٽ ضمير لانگاهه ٻڌايو ته جوابدار حبيب الله ٻرڙي ۽ سندس ساٿي فائرنگ ڪري رسول بخش ۽ بينظير کي زخمي ڪري ڇڏيو جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو