سينٽرل ايشين والي بال چيمپئن شپ پاڪستان کان ازبڪستان منتقل

سينٽرل ايشين والي بال چيمپئن شپ پاڪستان کان ازبڪستان منتقل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)سينٽرل ايشين والي بال چيمپئن شپ پاڪستان کان ازبڪستان منتقل ڪئي وئي آهي.پاڪ-ڀارت تڪرار جي ڪري ايونٽ پاڪستان کان منتقل ڪيو ويو آهي.ايونٽ اڳ ۾ 29 مئي کان اسلام آباد ۾ منعقد ٿيڻو هو، پر هاڻي ساڳئي تاريخن تي ازبڪستان ۾ منعقد ڪيو ويندو.پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تڪرار جي ڪري ٽيمون پاڪستان اچڻ کان لنوائي رهيون هيون.پاڪستان والي بال فيڊريشن ايونٽ کي پاڪستان کان منتقل ڪرڻ جي تصديق ڪئي.ايونٽ کي منتقل ڪرڻ جو فيصلو تازو نيپال ۾ سينٽرل ايشين والي بال فيڊريشن جي اجلاس ۾ ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو