اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ عمل جو وقت ختم ڳڻپ جاري ۽ پرزائيڊنگ آفيسر سيد مظفر شاهه جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو ته هن پيپلز پارٽي جي سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر ۽ مسلم ليگ (ن) جي مصدق ملڪ جي گڏيل درخواست تي پولنگ بوٿ ۾ خفيه ڪيمرا لڳائڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ 6 رڪني ڪميٽي قائم، حڪومت ۽ اپوزيشن جا ٽي ٽي ميمبر هوندا. سي سي ٽي وي ڪيمرا جو رڪارڊ جاچ تائين سيل ڪيو ويندو. اڳ ۾ چيئرمين چونڊبو پولنگ 5 وڳي ختم ٿيندي، جنهن بعد نتيجي جو اعلان ٿيندو ۽ نئين چونڊيل چيئرمين جي صدارت ۾ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ ٿيندي.










