سينيٽ جي اڄوڪي اجلاس جو 18 نڪاتي ايجنڊا جاري

سينيٽ جي اڄوڪي اجلاس جو 18 نڪاتي ايجنڊا جاري

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اڄ جي سينيٽ اجلاس جو 18 نقاطي ايجنڊا جاري ڪيو ويو آهي، سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل ايجنڊا موجب اجلاس قرآن پاڪ جي تلاوت سان شروع ٿيندو، سينيٽ اجلاس ۾ سوال ۽ جواب جو سيشن ٿيندو، شيري رحمان موسمياتي تبديلي ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪندي، ايجنڊا ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس ۾ پاڪستان جهنگلي جانورن ۽ فلورا ايڪٽ ترميمي بل 2024 تي رپورٽ پيش ڪئي ويندي، شيري رحمان 2024 تائين ڪميٽي جي سالياني رپورٽ پيش ڪندي ۽ سينيٽر عرفان صديقي پرڏيهي معاملن ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪندو،سينيٽر عون عباس يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي بندش بابت رپورٽ پيش ڪندا، سينيٽر رانا محمودالحسن جو نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي ترميمي بل پڻ ايجنڊا جو حصو آهي، اجلاس ۾ قانون وارو وزير اعظم نذير تارڙ شهادت قانون ترميمي بل 2025 پيش ڪندو، ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب ورچوئل اثاثن جي آرڊيننس 2025 کي وڌائڻ جي قرارداد پيش ڪندو، ۽ گهرو وزير محسن نقوي سينيٽ ۾ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري ري آرگنائيزيشن آرڊيننس 2025 پيش ڪندو، تعليم وارو وزير خالد مقبول صديقي ڪنگ حماد يونيورسٽي بل 2025 منظوري لاءِ پيش ڪندو، ڊينش اسڪولز اٿارٽي بل 2025 تي غور ۽ منظوري ڏني ويندي، ۽ سيڙپڪاري وارو وزير قيصر احمد شيخ آسان ڪاروبار بل 2025 پيش ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو