ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) انچارج سينٽرل اليڪشن سيل پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ سينيٽر تاج حيدر سيينٽ جي 11 خالي سيٽن تي جلد چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکي ڇڏيو، خط ۾ تاج حيدر موقف اختيار ڪيو ته هن وقت سينيٽ آف پاڪستان جون 11 سيٽون خالي آهن، جنهن ڪري سينيٽ اڻپوري آهي، اليڪشن ايڪٽ جو سيڪشن 127 سينيٽ جي خالي سيٽن تي ضمني اليڪشن بابت آهي، انهي ايڪٽ جو سيڪشن 107 سينيٽ جي سمورن چونڊن جو طريقيڪار ٻڌائي ٿو، جنهن تحت چونڊن جي شيڊول جي هر مرحلي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ هڪ ڏينهن کان وڌيڪ جو وقت ناهي ڏنو ويندو، استدعا آهي ته سينيٽ جي ڄاڻايل خالي سيٽن تي جلد اليڪشن ڪرائي وڃي.










