غوثپور (ن سنڌيار)پريس ڪلب جي سرپرست اعليٰ ۽ سينئر صحافي جمال الدين اوڳاهي جي گهر ٻاهران دڪان جا نامعلوم چورن تالا ٽوڙي قيمتي سامان ۽ بيٽري چوري ڪري فرار ٿي ويا، واقعي بعد پيراڊو گهرائي چورن جو پيرو کنيو ويو جڏهن ته پيرو ڳوٺ رئيس محمد حيات اوڳاهي ۾ گم ٿي ويو، ان سلسلي ۾ غوثپور پريس ڪلب جي صحافين نارائڻ ناز شيرزمان بجاراڻي ،عبدالنبي ملڪ ،ماجد علي ميراڻي ،حيدر ميراڻي، شاهنواز شيخ، اسد اوگاهي ۽ ٻين ٿيل چوري جي مذمت ڪئي ۽ ايس ايس پي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ امجد علي شيخ کان گهر ڪئي ته چوري ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو.










