سيشن جج جو اسپتال جو دورو، رڪارڊ چيڪ

سيشن جج جو اسپتال جو دورو، رڪارڊ چيڪ

نوشھرو فيروز (رپورٽ منظور ملڪ) فرسٽ ايڊيشنل جج عبدالوحيد شيخ جو سول اسپتال نوشھروفيروز جو دورو، هرهڪ آفيس ۾ ڊاڪٽرن ۽ ملازمن جي حاضري چيڪ ڪرڻ سان گڏ صفائي سٿرائي ۽ مريضن کي ملندڙ سهولتن بابت پڇاڻو ڪيو جڏهن ته ايڪسري ڊپارٽمينٽ، اکين جو شعبو، ٻارن جو وارڊ، انڊور وارڊ، ڊائلاسز سينٽر،آپريشن ٿيٽر،OPD سيڪشن، CCU، ايمرجنسي ۽ ليبارٽري جو تفصيلي دورو ڪيو جڏهن ته فرسٽ ايڊيشنل جج ليبارٽري ۾ تازو تيار ڪرايل CBC مشين جو افتتاح پڻ ڪندي چيو ته سول سرجن ڊاڪٽر خادم علي مڱريو بهترين ڪم ڪري رهيو آھي ڪنهن به سرڪاري اسپتال ۾ ايتريون سهولتون نه ٿيون ملن ان موقعي تي سول سرجن پاران کيس اسپتال جي مسئلن ۽ رڪاوٽن کان آگاهي ڏني ويئي فرسٽ ايڊيشنل جج جي وزٽ دوران سول سرجن ڊاڪٽر خادم علي مڱريو DMS ڊاڪٽر امين احمد جلباڻي، پوليس سرجن ڊاڪٽر مشتاق مهيسر، ڊينٽل سرجن ڊاڪٽر شاهد مصطفيٰ ميمڻ ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو