سي اي او واٽر ڪارپوريشن ۽ سي او او جو مراد شاهه کي وڏو وزير ٿيڻ تي مبارڪ

سي اي او واٽر ڪارپوريشن ۽ سي او او جو مراد شاهه کي وڏو وزير ٿيڻ تي مبارڪ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نئين چونڊيل وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کي سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد ۽ سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان پاران ٽيون ڀيرو وزير اعلي سنڌ چونڊڻ تي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو تہ سيد مراد علي شاھ جو هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جو وڏو وزير چونڊجڻ سنڌ صوبي خاص ڪري ڪراچي شھر جي لاءِ بھتر ثابت ٿيندو ڇاڪاڻ سيد مراد علي شاھ جو سنڌ صوبي سميت ڪراچي جي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي، هنن چيو تہ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي گذريل دور حڪومت ۾ ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا ميگا پراجيڪٽس شروع ڪيا ويا ھئا ۽ سندس ٻيهر سنڌ جو وڏو وزير چونڊجڻ سان انهن سمورن منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ ۾ مدد ملندي، هنن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ سيد مراد علي شاھ جي سنڌ جو وڏو وزير چونڊجڻ کانپوءِ شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي واري نظام ۾ وڌيڪ بهتري ايندي ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي گذريل دور حڪومت ۾ سنڌ صوبي سميت شهر جي ترقي ۽ خوشحالي جي حوالي سان پنهنجا فرائض بهتر نموني سرانجام ڏنا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو