ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان جي سون مارڪيٽن ۾ سون جي قيمتن ۾ معمولي اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون جي قيمت 1000 رپيا واڌ سان 523,762 رپيا ٿي وئي. ملڪ ۾ 10 گرام سون جي قيمت 857 رپيا وڌي 449,041 رپيا ٿي وئي.ٻئي طرف، عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 10 ڊالر وڌي 5,010 ڊالر في اونس ٿي وئي.










