سولر انرجي تي وڃڻ بهتر آهي پر ڇا ڪريون هٿ ٻڌل آهن

سولر انرجي تي وڃڻ بهتر آهي پر ڇا ڪريون هٿ ٻڌل آهن

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته سولر صارفين ۽ بجلي جي ٻين صارفين جي وچ ۾ نازڪ توازن برقرار رکڻو پئجي رهيو آهي. بهتر اهوئي آهي ته سولر تي ڀاڙڻ گهرجي، ڇا ڪريون ڪيپسٽي ادائيگيون ڪرڻيون پونديون آهن هٿ ٻڌل آهن.
قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ۾ جاري آهي جنهن ۾ سولر تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي خلاف ڌيان ڏياريو نوٽيس تي حڪومتي موقف پيش ڪيو ويو.
قومي اسيمبلي اجلاس ۾ سولر پينلز تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي خلاف ڌيان ڏياريو نوٽيس پيش ڪيو ويو، جنهن کي پيپلز پارٽي جي اسيمبلي ميمبر سيد نويد قمر پيش ڪيو.
مملڪتي وزير ڊاڪٽر شذره منصب علي کرل جواب ڏيندي چيو ته سولر تي ٽيڪس 18 سيڪڙو جي بجاءِ 10 سيڪڙو ڪيو ويو آهي نئين پاليسي نئين صارفين جي لاءِ هوندي. هن چيو ته سولر تي ٽيڪس لڳائڻ جا ڪيترائي سبب آهن. سيد نويد قمر چيو ته جڏهن بجلي مهانگي آهي ۽ تيل سميت آلودگي پکيڙيندڙ ذريعن کان پيدا ڪئي وڃي ٿي ته پوءِ گرين توانائي جي حوصله شڪني ڇو پئي ڪئي وڃي، ڇا اها اينٽي سولر پاليسي نه آهي.؟
دفاع واري وزير خواجه آصف جواب ڏيندي چيو ته سولر صارفين ۽ بجلي جي ٻين صارفين جي وچ ۾ نازڪ توان برقرار رکڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته بهتر اهوئي آهي ته سولر تي ڀاڙيو وڃي پر ڪيپسٽي ادائيگيون ڪرڻيون پونديون آهن جنهن سبب اسان جا هٿ ٻڌل آهن.
خواجه آصف وڌيڪ چيو ته ڪجهه وقت اڳ آءِ پي پيز سان ڳالهيون ٿيون هيون پر وڌيڪ اڳڀرائي نه ٿي سگهي جڏهن ته 20 کان 30 سال اڳ اسان جي ۽ پيپلز پارٽي جي دور ۾ آءِ پي پيز سان ڪيل معاهدن سبب حڪومت پابند آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو