سوزوڪي کي آئل ٽئنڪر جو ٽڪر 5 ڄڻا فوت 3 زخمي

سوزوڪي کي آئل ٽئنڪر جو ٽڪر 5 ڄڻا فوت 3 زخمي

گهارو (ن سنڌيار) گهارو ويجهو لڱ ڪانڊاريندڙ حادثي ۾ نينگر سميت 5 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا. آئل ٽينڪر جَي ٽڪر بعد سوزوڪي ڪلٽيون کائي ٻئي گاڏي سان ٽڪرائجي وئي. صحت مرڪز گهارو ۾ سهولتن جِي اڻهوند سبب زخمي تڙپندا رهيا، 3 زخمي نازڪ حالت ۾ ڪراچي ريفر ڪيا ويا. فوتين ۾ ڀيمو، پريم، جلال ڀيل ۽ ڊرائيور اڪبر علي راڄڙ شامل، 15 ورهين جَي فوتي ڪلينر جِي سڃاڻپ نه ٿي. حادثي جو شڪار ٿي ويل سوزوڪي ڌاٻيجي کان عمرڪوٽ وڃي رهي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو