اسلام آباد(بيورو رپورٽ)هن وقت سڄي ملڪ ۾ مون سون جي برساتن ۽ ٻوڏ سبب تباهي جو سلسلو جاري آهي، خيبرپختونخواهه جي علائقي سوات ۾ ٻوڏ واري ريل تباهي مچائي ڇڏي آهي. هيٺ ڏنل وڊيو سوات جي مختلف علائقن جي آهي جتي ٻوڏ جي رلي وڏن گهرن کي ٻوڙي ڇڏيو.
Entire country is facing floods but our rulers have other priorties. After Sindh, Balochistan and South Punjab now Swat floods. Very scary. #Sindhfloods #balochistanfloods #SouthPunjab #Swat #Pakistanflood #FloodinPakistan pic.twitter.com/AkGOlfelzr
— Aijaz Mahar (@aijazm) August 26, 2022
ان موقعي تي شهرين استغفار الله ۽ الله اڪبر جا نعرا هنيا. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته سوات جي مختلف علائقن ۾ شديد ٻوڏ واري صورتحال آهي، جنهن سبب هر طرف تباهي جا منظر آهن. ٻئي پاسي سوات ايڪسپريس وي ڪابل درياءَ ۾ اونچي درجي جي ٻوڏ سبب ڇڪدره کان بند ڪيو ويو آهي.










