ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي ڪورنگي سنگر چورنگي ويجهو پوليس اهلڪارن جي فائرنگ سان 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس موجب فائرنگ ۾ زخمي ٿيل اطهر ۽ عبدالرزاق کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي زخمي ٿيل ماڻهن جي گهرڀاتين احتجاج ڪيو ۽ واقعي ۾ ملوث اهلڪارن تي ڪيس (مقدمو) داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ايس پي لانڍي جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪري رهيا آهيون، معاملي جي انڪوائري ڪئي ويندي.










