سيوهڻ: (ن س) اندرون سنڌ جي علائقي سيوهڻ ۾ 13 سالن جو ٻار درياءَ ۾ ٻڏي ويو.ريسڪيو ذريعن موجب واقعو قريشي پل جي ويجهو پيش آيو، جتي سنڌو نديءَ (درياءِ سنڌ) ۾ وهنجندي 13 سالن جو ٻار اونهي پاڻيءَ ۾ هليو وڃڻ سبب ٻڏي فوت ٿي ويو.ذريعن ٻڌايو ته ٻڏي ويندڙ ٻار جو نالو تنزيب عمراني ٻڌايو پيو وڃي، جيڪو گرميءَ جي ڪري درياءَ ۾ وهنجي رهيو هو.ٻئي طرف اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون موقعي تي پهچي ويون، جن ٻار جي ڳولا شروع ڪري ڏني، پر اڃا تائين ڪا ڪاميابي ناهي ملي سگهي.










