سنڌ، پشاور، اسلام آباد ۽ ڪوئٽا جي چيف جسٽسز حلف کڻي ورتو

سنڌ، پشاور، اسلام آباد ۽ ڪوئٽا جي چيف جسٽسز حلف کڻي ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سنڌ هاءِ ڪورٽ، پشاور هاءِ ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽسز حلف کنيو، جسٽس جنيد غفار سنڌ، جسٽس ايس ايم عتيق پشاور ۽ جسٽس سرفراز ڊوگر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا چيف جسٽس بڻيا. جسٽس محمد جنيد غفار ڪراچي ۾ گورنر هائوس سنڌ ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور حلف کنيو، گورنر ڪامران خان ٽيسوري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي عهدي جو حلف کڻايو. حلف برداري جي تقريب پهريون ڀيرو ان هنڌ تي منعقد ڪئي وئي جتي پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح پهريون ڀيرو گورنر جنرل جي عهدي جو حلف کنيو هو.حلف برداري تقريب ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جواد ديرو، جاپان جو قونصل جنرل، گڏيل عرب امارات جو قونصل جنرل، سعودي عرب جو قونصل جنرل، عمان جو قونصل جنرل، بنگلاديش جو قونصل جنرل، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جسٽس عمر سيال، جسٽس ارشد حسين، جسٽس آغا فيصل، جسٽس ذوالفقار سانگي، جسٽس مبين لاکو ۽ ٻين ججن شرڪت ڪئي، ان سان گڏ انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ به موجود هئا.جسٽس جنيد غفار سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ڇهون چيف جسٽس بڻيو، جنهن کان پوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس قائداعظم جي مزار تي حاضري ڏني، فاتحه خواني ڪئي ۽ گلن جي چادر چاڙهي.
چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ به حلف کڻي ورتو
جسٽس ايس ايم عتيق شاهه پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو.گورنر خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جسٽس ايس ايم عتيق شاهه کي حلف کڻايو.خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين خان گنڊاپور به حلف برداري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ججز، سيفران جو وفاقي وزير امير مقام ۽ وڪيل پڻ تقريب ۾ موجود هئا.
صدر زرداري چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان حلف ورتو
جسٽس سرفراز ڊوگر صدر هائوس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي عهدي جو حلف کڻي ورتو، صدر آصف علي زرداري کانئس حلف ورتو.حلف برداري تقريب ۾ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز، وفاقي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو