سنڌ ۾ ڌاڙيلن کي ٻنجو ڏينداسين، ڪچا فورس جوڙي ويندي: آءِ جي

سنڌ ۾ ڌاڙيلن کي ٻنجو ڏينداسين، ڪچا فورس جوڙي ويندي: آءِ جي

پنو عاقل (ن س) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن کي ٻنجو ڏينداسين،ڪچا فورس جوڙي ويندي، ر بڪتربند گاڏي پنهنجي معيار موجب حملي جي برداشت جي سگهه رکي ٿي پنوعاقل ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته ڌاڙيلن خلاف ڪارروائين لاءِ گاڏيون ۽ هٿيار فوج کان خريد ڪري رهيا آهيون، اسان جديد بڪتر بند آنديون آهن، وڌيڪ بهتري لاءِ ڪوشان آهيون، ڪچي جي ماڻهن کي به ٺڪري پهري جي حوالي سان راضي ڪري رهيا آهيون سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪچا فورس ٺاهي جوانن کي الائونس ڏينداسين، ڌاڙيلن سان مقابلي لاءِ هٿيارن جي حوالي سان پنهنجي فورس کي اپڊيٽ ڪيان پيو هن چيو ته هٿيارن جي خريداري لاءِ حڪومت کي لکيو آهي،ڳرن هٿيارن سان حملو هر گاڏي برداشت ڪري اها سوچ غلط آهي ، پنوعاقل ۾ صحافين کي اغوا ڪندڙن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي

پهنجو تبصرو موڪليو