ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف هيلٿ سروسز سنڌ ڊينگي سان لاڳاپيل انگ اکر جاري ڪيا آهن، سنڌ ۾ ڊينگي جا 160 مريض علاج هيٺ آهن – سنڌ جي صحت کاتي هڪ ڏينهن ۾ 78 نوان ڊينگي ڪيس رپورٽ ڪيا، سڄي صوبي ۾ ڊينگي سبب ڪا به موت رپورٽ نه ٿي، صحت کاتي جي ڪراچي ڊويزن ۾ 40 مريض علاج هيٺ آهن، 11 نوان داخل ٿيا آهن، حيدرآباد ۾ 73 مريض علاج هيٺ آهن، 45 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، 47 مريض ٻين شهرن ۾ علاج هيٺ آهن، ڪل 58 مريض صحتياب ٿي پنهنجن گهرن ڏانهن هليا ويا آهن.صحت کاتي ڊينگي جي علاج لاءِ سڄي سنڌ ۾ 843 بسترا مختص ڪيا آهن.50 سرڪاري ۽ خانگي ليبارٽرين ۾ ٽيسٽ جاري آهن، 5271 ٽيسٽن مان 1397 ڊينگي ٽيسٽ مثبت رپورٽ ٿيا آهن.صحت کاتي شهرين کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.










