سنڌ ۾ بجلي جو بحران، ڏينهن جو سڪون نه رات جو آرام

سنڌ ۾ بجلي جو بحران، ڏينهن جو سڪون نه رات جو آرام

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، ڪي اليڪٽرڪ، سيپڪو ۽ حيسڪو طرفان اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري آهي. شهرين جو چوڻ آهي ته ڏينهن جو سڪون آهي نه رات جو آرام. ڪراچي جي لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري، ڪياماڙي ۽ ٻين علائقن ۾ بجلي ناياب ٿي وئي، 12 ڪلاڪن کان وڌيڪ لوشيڊنگ شهرين جو جيئڻ عذاب ڪري ڇڏيو، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، دادو، جيڪب آباد، ميرپور خاص، ڪنڌڪوٽ، نوشهروفيروز، سانگهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ 8 کان 18 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ سبب ڪاروهنوار متاثر، تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي پڙهائي متاثر، شهري گهرن ۾ به سڪون کان محروم ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو