سنڌ ۾ اٽي جو ڪو بحران ناهي ، ڪڻڪ جو ججهو ذخيرو آهي

سنڌ ۾ اٽي جو ڪو بحران ناهي ، ڪڻڪ جو ججهو ذخيرو آهي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وزيراعليٰ جي خاص معاون خوراڪ عبدالجبار خان چيو آهي ته سنڌ ۾ اٽي جو ڪو به بحران نه ٿيندو، ڇو⁠تہ ھن وقت سرڪاري گودامن ۾ ڪٹڪ جون هڪ ڪروڙ ٽيھ لک بورين جو اسٽاڪ موجود آھي، جيڪو صوبي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي آھي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعليٰ سنڌ صورتحال جي پاڻ نگراني ڪري رهيا آهن۔ ڪٹڪ جي رليز پاليسي اڃا جاري نه ٿي آهي، پر مارڪيٽ ۾ اٽي جي قيمتن ۾ اضافي کان پوءِ حڪومت ايندڙ ڪابينا اجلاس ۾ حتمي فيصلو ڪندي عبدالجبار خان ٻڌايو ته 100 ڪلوگرام ڪنڪ جي بوري ھن وقت 9400 رپين ۾ ملي رهي آهي، جيڪا اڳتي هلي وڌيڪ مهانگي ٿي سگهي ٿي۔ هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پنجاب حڪومت طرفان پنهنجي صوبي مان ڪنڪ کڻڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي، پر سنڌ ۾ وافر ذخيرن سبب ڪنهن به قسم جي بحران جو خطرو ناهي ھن وڌيڪ چيو ته ڪچي جي علائقن ۾ برساتن ۽ ممڪن سيلاب جي ڪري نقصان ٿي سگهي ٿو، پر حڪومت اڳواٽ قدم کڻي چڪي آهي۔ ڪنڪ جي چوري يا خردبرد بابت ڪا به شڪايت ناهي، سڀ اسٽاڪ مڪمل رڪارڊ سان محفوظ آهي معاون خاص چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو جي هدايت تي عوام کي رليف فراهم ڪيو ويندو۔ هن وڌيڪ چيو ته بئنڪن جي وڌندڙ شرحن سبب مستقبل ۾ اٽي جي قيمتن تي اثر ٿي سگهي ٿو، پر حڪومت ان لاءِ جامع حڪمت عملي تيار ڪري رهي آهي عبدالجبار خان عوام کي يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت اٽي جي قيمتن کي مستحڪم رکڻ ۽ شفاف ورهاست لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي، ته جيئن صوبي جي عوام کي ڪا به تڪليف پيش نه اچي۔

پهنجو تبصرو موڪليو