ايم ڊي ڪيٽ جو امتحان 16 آگسٽ تي ٿيندو، 8 سينٽر قائم

ايم ڊي ڪيٽ جو امتحان 16 آگسٽ تي ٿيندو، 8 سينٽر قائم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ ۾ ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن ۾ داخلائن لاءِ ورتو ويندڙ امتحان ايم ڊي ڪيٽ (MDCAT 2026) ايندڙ مهيني 16 آگسٽ بروز آچر تي منعقد ڪيو ويندو. هي امتحان سکر آئي بي اي جي سيٻا (SIBA) ٽيسٽنگ سروسز جي تحت ورتو ويندو. انتظاميا موجب اميدوارن جي سهولت لاءِ ڪراچي، حيدرآباد، جامشورو، لاڙڪاڻو، سکھر، ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد ۽ اسلام آباد ۾ وڏا امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويا آهن. ڪراچي ۾ هي امتحان اين اي ڊي يونيورسٽي جڏهن ته حيدرآباد ۾ پبلڪ اسڪول لطيف آباد ۾ ٿيندو. اسلام آباد ۾ رهندڙ سنڌ جي اميدوارن جو امتحان پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس جي سينٽر ۾ ورتو ويندو. ٽيسٽ جو دورو 3 ڪلاڪ هوندو ۽ ڪنهن به اميدوار کي وقت کان اڳ هال مان ٻاهر وڃڻ جي اجازت نه ملندي. سينٽرز تي والدين لاءِ متبادل انتظارگاهون ۽ ٻارن لاءِ پاڻي جو انتظام ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو