ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ گذريل سال 3 لک ماڻهن کي رولو ڪتن چڪيو، سال 2024ع ۾ رڳو ڪراچي ۾ ڪتن جي چڪڻ سان 18 ماڻهو فوت، جڏهن ته 70 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا، سنڌ ۾ ڪتي چڪڻ جي واقعن ۾ لاڳيتو اضافو ٿي رهيو آهي، ڪراچي جي وڏين اسپتالن مان آيل چرڪائيندڙ انگن اکرن مطابق جناح اسپتال ۾ ڪتي جي چڪڻ جا 47 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته ويڪسين نه هجڻ سان 11 ماڻهو فوت ٿيا، اهڙي طرح انڊس اسپتال ۾15 هزار ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته ربيز وائرس سان 7 شهرين جو موت ٿيو، سول اسپتال ۾ 36 هزار کان وڌيڪ ڪيس آندا ويا، جن ۾ 16 هزار 150 ماڻهن کي انٽي ربيز ويڪسين لڳائي وئي، انچارج ڊاگ بائيٽ ڪلينڪ سول اسپتال ڊاڪٽر رومانه فرحت چيو ته ننڍا ٻار ڪتن جو سولو حدف آهن. انهن واقعن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ سببن کي ختم ڪرڻ ضروري آهي، شهرين به رولو ڪتن جي خاتمي جو مطالبو ڪيو آهي، ڪتن جي چڪڻ جا وڌيڪ ڪيس بلديا، سرجاڻي، لياري جهڙن علائقن مان اچي رهيا آهن، ڊاڪٽرز مطابق ڪتي جي چڪڻ کان پوءِ ڊٽرجن کان 15 کان 20 منٽن تائين متاثر هنڌ کي ڌوئڻ ضروري آهي.










