سنڌ کي حقن کان محروم رکندڙ ڪهڙي منهن سان هيڏي ايندو:نثار کهڙو

سنڌ کي حقن کان محروم رکندڙ ڪهڙي منهن سان هيڏي ايندو:نثار کهڙو

لاڙڪاڻو (اسٽاف رپورٽر) پ پ سنڌ جي صدر نثار کھڙي چيو آھي ته عمران خان ڀلي سنڌ اچي پر کيس ڪجھه نه ملندو، پنھنجي حڪومتي دور ۾ سنڌ کي اين ايف سي، ترقياتي فنڊن، بجلي، گئس، ٻين حقن کان محروم رکندڙ عمران خان ڪھڙي منھن سان سنڌ ايندو.پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ نثار کهڙي چيو ته سنڌ جو عوام عمران خان جي فتني ۽ ڏٽي ۾ اچڻ وارو ناھي، سنڌ پاڪستان ٺاھڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو ۽ ھاڻي سنڌ ملڪ بچائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رھي آھي.ھن چيو ته ادران خلاف ڳالھائيندڙ ۽ پنھنجي پي ٽي آءِ برگيڊ کي ڀڙڪائڻ وارو عمران خان ئي آھي ۽ هاڻي ھو بند گھٽيءَ ۾ ڦاسي پوڻ کان پوءِ فتنو پيدا ڪري اھڙيون حرڪتون ان لاءِ ڪري رھيو آھي ته جيئن ھو سڀني جو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪائي سگھي ۽ قوتون ھن سان ڳالھائين.سندس چوڻ هو ته عمران خان اقتدار کسجڻ کان پوءِ پاڻ کي مقبول ثابت ڪرڻ لاءِ ڪوڙ تي پير ڄمائي سازشن ذريعي ملڪي سلامتي کي نقصان پھچائي رھيو آھي، آمريڪي سازش جو راڳ آلاپيندڙ عمران خان ھاڻي آمريڪي اختيارين سان دوستي رکڻ جا بيان ڏئي آمريڪا سان ڳجھا رابطا رکڻ لاءِ ڪوششون ڪري رھيو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو