نئون ڪوٽ (ن سنڌيار) سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد جي حڪم تي سروري سٽلمنٽ انسپيڪٽر ليار رٻاري بخت علي تپيدار گورڌن ڪمار ٽيم سان گڏ نئون ڪوٽ جي واٽر سپلائي اسڪيم ڀرسان قديمي اولياء راڄار جي سروي زمين 29 ايڪڙ هڪ گهنٽو جي ڪمپيوٽر سسٽم ذريعي ماپ ڪئي سروي ٽيم جي ماپ دورا پوڻا ٻه ايڪڙ ايراضي تي نئون ڪوٽ واٽر سپلائي تعمير ٿيل آهي ۽هڪ ايڪڙ زمين تي امجد قائمخاني نالي شخص غير قانوني طور قبضو ڪري زمين آباد ڪري رهيو هو ڪجه ايراضي ۾ڳوٺ نگر خان گرگيز راڄار ڪالوني ٺهيل آهي جنهن ۾مختلف برادريون رهائش اختيار ڪري رهيون آهن ان سلسلي ۾اولياء راڄپر جي خليفي چاڪر خان درس ٻڌايو ته قديمي اولياء جي ايراضي تي ڪجهه ماڻهو قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا مون سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد جي عدالت ۾درخواست داخل ڪرائي جنهن تي سروي سٽلمنٽ ٽيم سر زمين تي پهچي زمين جي ماپ ڪئي آهي ڪجهه ماڻهن غير قانوني طور قبضا ڪيا آهن اهي جلد ختم ڪيا ويندا اسان غير قانوني طور اولياء جي زمين جي ماپ ڪيل نشانن تي ديوار ڏينداسين جيڪا راڄپار ڪالوني آهي اتي جا رهواسي اولياء راڄپار جا خدمتگار آهن جيڪي صدين کان آباد آهن ۽ويٺا رهندا ان موقعي تي گل محمد درس الهبخش جسڪاڻي دوست محمد گرگيز الله بخش گرگيز لونگ ڀيل ۽ٻيا پڻ ن موجود هئا










