ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)2400 نفري تي مشتمل سنڌ پوليس جو قيام 1843 ۾ عمل ۾ آيو. تاريخ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ پوليس کي برصغير جي پهرين “ماڊرن پوليس” ٿيڻ جو اعزاز حاصل آهي. جنهن جي بنياد سر چارلس نيپئر رکي ۽ پوليسنگ جي ماڊل کي ٻن اصولن تي تقسيم ڪيو. پوليسنگ کي مڪمل طور تي ملٽري کان الڳ رکيو ويو ۽ سنڌ پوليس کي هڪ آزاد اداري طور تي تشڪيل ڏنو ويو ته جيئن امن امان لاءِ پنهنجون ذميواريون احسن طريقي سان نڀائي سگهن. اڳتي هلي نيپئر ماڊل ايترو موثر ٿيو جو بمبئي جي گورنر 1852 ۾ بمبئي پريذيڊنسي پوليس کي سنڌ پوليس جي طرز تي ٻيهر ماڊل بڻائڻ جو حڪم ڏنو. بعد ۾ نيپئر ماڊل کي ان وقت جي برٽش انڊيا جي ٻين صوبن ۾ پڻ لاڳو ڪيو ويو. نيپئر ماڊل تحت سنڌ پوليس جو سربراهه ڪيپٽن هوندو هو ۽ سنڌ پوليس جو پهريون سربراهه ڪيپٽن وليم براؤن هو جيڪو سڌو سنئون گورنر جي ماتحت هوندو هو. 1936 ۾ سنڌ کي باقاعده صوبي جو درجو ملڻ بعد سنڌ پوليس جو پهريون انسپيڪٽر جنرل اي اي ٽرنر مقرر ٿيو ۽ اڄ تائين 85 انسپيڪٽر جنرل سنڌ پوليس جي ڪمان سنڀالي چڪا آهن. ڪيپٽن مارسٽن اهو واحد ڪمانڊر هو جنهن 21 سال تائين سنڌ پوليس کي ڪمانڊ ڪيو. هو پنهنجي سوچ، فڪر ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن جي بنياد تي حاصل ٿيندڙ ڪاميابين جي ڪري هڪ اهم معمار بڻجي سامهون آيو. سندس دور ۾ سنڌ پوليس برصغير جي تمام مستعد ۽ متحرڪ پوليس طور پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رکندي هئي. مارسٽن کي ڪراچي سان وڏي عقيدت هئي، ان ڪري هو ريٽائرمنٽ کان پوءِ پنهنجي وفات تائين، يعني 1902 تائين، ڪراچي ۾ ئي رهائش پذير رهيو. سنڌ پوليس جي تاريخ بهادر، نڊر، بيباڪ ۽ هوشيار پوليس آفيسرن ۽ جوانن تي مشتمل هڪ اهڙو گلدستو آهي جن نه رڳو سنڌ پوليس جي طاقت ۽ تعداد کي مضبوط ڪيو پر امن امان جي قيام سميت ٻين چيلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي. صوبو سنڌ جيڪو پاڪستان جي معاشي طور ڳاٽ جي هڏي آهي، جتي ملڪ جي ٻين سڀني صوبن سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ماڻهن جي اچڻ جو سلسلو سالن کان جاري رهي ٿو يا ائين چئجي ته هن صوبي کي ماڻهو ڪاروبار، ڪم ۽ روزگار جو ذريعو سمجهن ٿا. سنڌ ۾ امن امان جو قيام ۽ حالتن تي ڪنٽرول هميشه کان هڪ وڏو چيلنج رهيو آهي. هر دور جي ڪمانڊر سنڌ پوليس جي جرات مند ۽ بي خوف آفيسرن، اهلڪارن جي علاوه ٽيڪنالاجي ۽ جدت جي بدولت نون چيلنجز کي نه رڳو ڀرپور انداز ۾ منهن ڏنو آهي، پر انهن کي پنهنجي صلاحيتن جي ذريعي حل پڻ ڪيو آهي. سنڌ صوبي کي دهشتگردي، لساني، فرقيواريت، عسڪريت پسندي، سياست ۽ ٻين قسمن جي ڏوهن سان گڏوگڏ مشڪل حالتن ۽ چيلنجز کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ الحمدالله سنڌ پوليس هميشه انهن مسئلن تي ضابطو آڻي سرخرو ٿي آهي. ڪارڪردگي جو جيڪڏهن جائزو وٺجي ته سال 2024 سنڌ پوليس لاءِ تقريبن چيلنجز سان ڀرپور سال ثابت ٿيو، جنهن ۾ نه رڳو امن امان جو قيام پر بين الاقوامي سطح تي بحال ٿيندڙ پاڪستان جي مثبت پهلو جي عڪاسي ۽ ان جي حفاظت پڻ هڪ وڏو چيلنج هو. ڇو ته گذريل سال ملڪ ۾ عام چونڊون منعقد ٿيون ۽ پاڪستان سميت صوبي سنڌ ۾ ڪيترا ئي بين الاقوامي ايونٽس، خاص ڪري اهم شخصيتن جي دورن جي پرامن ۽ ڪامياب انعقاد ڪيو ويو ۽ ان ڪاميابي جو سڄو ڪريڊٽ قانون لاڳو ڪندڙ ٻين ادارن سان گڏوگڏ ڏينهن رات پنهنجي فرضن ۾ سرگرم رهندڙ سنڌ پوليس جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي وڃي ٿو. يقينن اهي سڀئي ڪوششون ۽ امن امان خاطر پنهنجون قيمتي جانيون قربان ڪندڙ سنڌ پوليس جا شهيد انهن ڪاميابين جا وڌيڪ حقدار آهن. سال 2024 ۾ صوبو سنڌ ۾ بين الاقوامي ڪرڪيٽ ميچز/سيريز جو پرامن ۽ ڪامياب انعقاد ٿيو، جنهن ۾ آسٽريليا، ساؤتھ آفريڪا، نيوزي لينڊ، ۽ انگلينڊ جي ٽيمون شامل هيون، جڏهن ته پاڪستان سپر ليگ ۽ سنڌ پريميئر ليگ 2024 جي سيڪيورٽي پڻ سنڌ پوليس ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏوگڏ يقيني بڻائي. انهي سال ۾ ايراني صدر، اسماعيلي ڪميونٽي جي روحاني پيشوا ۽ داؤدي بوہرا ڪميونٽي جي روحاني پيشوا سميت 45 هزار کان وڌيڪ غيرملڪي ۽ ملڪي مهمانن سنڌ ۾ داؤدي بوہرا ڪميونٽي جي 10 ڏينهن جي مذهبي تقريبن سميت ٻين تقريبن ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته هٿيارن جي بين الاقوامي نمائش IDEAS 2024 جو انعقاد پڻ ڪراچي ۾ ٿيو. سڀني تقريبن ۽ دورن دوران فول پروف حفاظتي انتظامات جو ڪريڊٽ سنڌ پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي وڃي ٿو جن سڀني تقريبن جي سيڪيورٽي کي پرامن ۽ ڪامياب بڻايو. گذريل سال سنڌ پوليس جي طاقت، قوت ۽ فلاح جي حوالي سان سنڌ حڪومت طرفان ڪيترائي اهم قدم کنيا ويا، جن ۾ 6 ارب رپيا پوليس اسٽيشنز کي بجيٽ جي فراهمي، ايس ايڇ اوز کي ڊي ڊي او جو اختيار ڏيڻ، هيلٿ انشورنس لاءِ 5 ارب کان وڌيڪ جي فراهمي جهڙا قدمن جو نتيجو آهي جو پوليس جو هر ملازم پنهنجو ۽ پنهنجي فيملي جو 10 لک رپيا تائين جو علاج معياري اسپتالن مان ڪرائي سگهندو. شهيد جي پيڪيج کي 10 ملين کان وڌائي 23 ملين سميت ماهوار پگهار ريٽائرمينٽ جي عمر تائين پڻ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته شهيد جي وارثن ۾ شامل ٻه اهل فردن کي پوليس ۾ نوڪري پڻ ڏني پئي وڃي. انسداد دهشتگردي ۾ جديد اصلاحات، سيف سٽي پروجيڪٽ، داخلي ۽ خارجي رستن تي ڪيمرائون لڳائڻ، آن لائن ڊرائيونگ لائسنس جو اجرا، آن لائن پوليس تصديق اسناد جو اجرا، پوليس اسٽيشن رڪارڊ مئنيجمينٽ سسٽم، اسپيشل برانچ مان آن لائن ڪوائف جي تصديق، 11 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن جي ڀرتي، جديد هٿيارن ۽ ٽيڪنالاجي جي فراهمي وغيره قابل ذڪر آهن. گذريل سال سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ طرفان جانچ جي شعبي کي بهتر بڻائڻ لاءِ کنيل قدم تمام موثر ثابت ٿيا. سنڌ حڪومت طرفان سنڌ پوليس جي جانچ جي شعبي جي عملي کي پگهار سان گڏ هڪ اضافي بنيادي پگهار به جاري ڪئي وئي، جڏهن ته مختلف نوعيت جي مقدمن جي جانچ لاءِ خاص جانچ آفيسرن جي مقرري پڻ ممڪن بڻائي وئي. قتل، اغوا، ڌاڙن، جنسي استحصال ۽ ٻين نوعيت جي مقدمن جي جانچ لاءِ تجربي جي بنياد تي خاص آفيسرن مقرر ڪيا ويا آهن. سال 2024 ۾ ڏاڙن ۾ مزاحمت دوران شهرين جي قتل جا 98 مقدمن ۾ 75 مقدمن (77 سيڪڙو) کي بهترين ۽ موثر جانچ جي سبب ناصرف حل ڪيو پر اهڙا جرم ۾ ملوث 112 ڪرمنلز کي پڻ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس ايڪشن جي نتيجي ۾ 33 ڪرمنلز/ڌاڙيل ماريا ويا. اهڙي طرح ڌاڙن دوران مزاحمت تي شهرين کي زخمي ڪرڻ سان لاڳاپيل 321 مقدمن ۾ 226 مقدمن (71 سيڪڙو) کي جانچ جي شعبي ڪاميابي سان ناصرف منطقي انجام تائين پهچايو پر 332 ڪرمنلز کي پڻ گرفتار ڪيو، جڏهن ته پوليس جي موثر ڪاروائين جي نتيجي ۾ 36 ڪرمنلز/ڌاڙيل ماريا ويا. جيڪڏهن ذڪر ڪيل ڏوهن يعني ڏاڙي دوران قتل ۽ شهرين کي زخمي ڪرڻ جي ڪيسن جي حل جي شرح تي نظر وجهجي ته اهي ترتيبوار 77 ۽ 71 سيڪڙو رهي، جيڪو بيشڪ ڏوهن خلاف پوليس جي ڪامياب قدمن جو ثبوت آهي. سنڌ ۾ امن امان جي قيام ۽ ڏوهن خلاف پوليس جي قدمن ۾ متاثر ڪندڙ اضافو ڏسڻ ۾ آيو جنهن جيڪري مختلف ضلعن ۾ ڇاپامار ڪارروائين جي دوران سال 2024 پهرين جمنوري کا ڊسمبر تائين 3864 پوليس مقابلن ۾ 1782 ڏوهاري گروهن کي ختم ڪندي 7383 موقعن تي سڳ سميت گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته پوليس جي ڏوهن جي خلاف موثر قدمن جي نتيجي ۾ 342 ڌاڙيل / ڏوهاري مارجي ويا جڏهن ته 21504 گرفتار ٿيا، ان کان علاوه ذڪر ڪيل عرصي دوارن قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن ۽ انهن جي ڇاڙتن جي خلاف انتهائي سخت ايڪشن جي نتيجي ۾ 05 نوٽيفائيڊ ڌاڙيل مارجي ويا جڏهن ته 8 گرفتار ٿيا اهڙي ريت هائي ويز تي ڌاڙن ۾ ملوث 3 ڌاڙيل مارجي ويا جڏهن ته 26 گرفتار ٿي ويا گرفتار ۽ مارجي ويل ڏواهرين جي قبضي مان 02 ايل ايم جيز، 14 جي ٿري رائفلز، 04 ايم پي فائيو، 180 ايس ايم جيز/ ڪلاشنڪوف، 644 شاٽ گنز/ رپيٽرز/ ايم پي فائيو 9400، پستول/ريواولرز/ مائوذرز،78748 رائونڊز/ ڪارٽريجز ۽ 42 گرنيڊز هٿ آيا. سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ گذريل سال 2024 جي دوران منشيات مافيا جي خلاف گڏيل طور تي ڪارروائي ۾ 10692 ڇاپن جي تحت 12200 ڪيو ويو. گرفتار ڏوهارين جي قبضي مان 117.378 ڪلو آئس،57.679 ڪلو هيروئن، 9096.411 ڪلو گرام چرس، 104.469 ڪلو گرام آفيون جڏهن ته 361544 ليٽر شراب به هٿ ڪيو ويو. سنڌ پوليس جي دلير ۽ بهادر آفيسرن ۽ نوجوانن ڌاڙيلن جي خلاف سکر، گھوٽڪي، ڪشمور ۽ شڪارپور جي ڪچي جي علائقن ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز جي نتيجي ۾ گذريل سال جي دواران ٿيل 559 مقابلن جي نتيجي ۾ 73 ڌاڙيل مارجي ويا، 120 کان وڏيڪ زخمي جڏهن ته ڪل 378 ڌاڙيل گرفتار ڪيا ويا زخمي ۽ مارجي ويل ڌاڙيلن جي قبضي مان 436 جي انگ ۾ غير قانوني هٿيار به هٿ ڪيا ويا. اها ڳالھ به ذڪر جوڳي آهي ته لاڳاپيل ضلعن جي پوليس ٽيڪنيڪل بيسڊ معلومات کي استعمال ڪندي 618 شهرين کي هني ٽريپ کان بچايو جيڪي مختلف شين، شادي، عورتن جي آواز جي دوکي ۾ اچي ڌاڙيلن جي چنبي ۾ اچڻ وارا ئي هئا. ان کان سواءِ ڪچي جي علائقن ۾ جاري ڏوهارين خلاف آپريشن جي دوران 19 عملدارن شهادت ماڻي. سال 2024 سنڌ پوليس جي تاريخ ۾ ڪاميابين ۽ قربانين جو سال رهيو. پوليس عوام جي تحفظ ۽ امن امان جي بحالي جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئي. سنڌ پوليس جي بهادري ڏوهارين جي خاتمي لاءِ انهن جي جديد ٽيڪنالوجي جي استعمال ۽ هر پليٽ فارم کان عوامي خدمت جي عزم نه صرف سنڌ پر پاڪستان جي وقار کي به بلند ڪيو.










