سول ڪورٽس ترميمي ايڪٽ جي خلاف عدم پيروي تي درخواست رد

سول ڪورٽس ترميمي ايڪٽ جي خلاف عدم پيروي تي درخواست رد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ سول ڪورٽس ترميمي ايڪٽ جي خلاف درخواست پيروي نه ٿيڻ تي رد ڪري ڇڏي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ سول ڪورٽس ترميمي ايڪٽ جي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، درخواست گذار سهيل حميد ايڊووڪيٽ موقف ڏنو ته سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته هاءِ ڪورٽ ضلع عدالتن جو ڪردار ڪري رهيون آهن، وقتي چيف جسٽس جنيد غفار رمارڪس ڏنا ته هي اوهان غلط ڳالهه ڪري رهيا آهيو، هاءِ ڪورٽ مختلف دارا اختيار اسعتعمال ڪري ٿي، اوهان جنهن فيصلي جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون اها ان وقت جي حساب سان هئي، ويسٽ پاڪستان کان پوءِ هاءِ ڪورٽ جو معاملو صوبائي ٿي ويو آهي، 2018ع ۾سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾سمورو تفصيل ڏنو آهي، درخواست گذار جي وڪيل موقف ڏنو ته هاءِ ڪورٽ مان سول ڪيسز جي ضلعي عدالتن ۾ منتقلي وفاق جو اختيار آهي، عدالت رمارڪس ڏنا ته اوهان 1955ع جو فيصلو پڙهي رهيا آهيو، ان کان وارا فيصلا به پڙهو، ڪسٽم اپيلنٽ ٽربيونل هاءِ ڪورٽ جا اختيار اسعتمال ڪيا وڃن ٿا، ان جو مطلب اهو ناهي ته ٽربيونل فيصلو هاءِ ڪورٽ جو فصيلو هوندو، ڪسٽم ٽربيونل فيصلي جي خلاف اپيل هاءِ ڪورٽ ٻڌي ٿي، اوهان اڄوڪي تاريخ ۾ قانون ٻڌائي ڇڏيو، اسان اوهان سان گڏ آهيون، درخواست گذار سهيل حميد ايڊووڪيٽ عدالت کي مطمئن نه ڪري سگهيو، مان وڌيڪ هن درخواست کي نه پيو هلايا، عدالت درخواست گذار پاران عدم پيروي تي درخواست رد ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو