ميرپورماٿيلو (ويب ڊيسڪ)پهريون ڀيرو ڪنهن صحافي کي ايم پي او تحت 30 ڏينهن لاءِ جيل موڪليو ويو.اڄ کان ٻه ڏينهن اڳ 16 مئي 2023ع تي عوامي آواز ميرپور ماٿيلو جي رپورٽر نصرالله گداڻي کي ايم پي او تحت گرفتار ڪري سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ 30 ڏينهن قيد رکيو ويو. حڪومت جو اهو قدم پريس جي آزادي جي خلاف آهي.صحافي دوستن کي گذارش آهي ته هن ظلم خلاف آواز اٿاري ۽ صحافي جي آزاديءَ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.










