ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ اسيمبلي جي اپوزيشن ليڊر ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ علي خورشيدي چيو آهي ته سنڌ حڪومت 27 ڊسمبر تائين موڪل تي هئي، ڇا هي ماڻهو 9 ڏينهن ستو پيئي سمهي رهيا هئا؟،ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته احتجاج سبب ڪراچي کي تمام گهڻا مسئلا پيش آيا، رياست جي رٽ کي چيلينج ڪرڻ قابل قبول عمل ناهي. علي خورشيدي چيو ته جيڪڏهن رٽ کي چيلينج ڪيو ويو ته هن شهر ۾ هر مذهب جا ماڻهو رهن ٿا، جنهن شهر ۾ مذهبي هم آهنگي جو ٻج پوکيو ويو آهي،هن چيو ته پاڪستان هاڻي معاشي دلدل مان نڪري رهيو آهي، ان سموري معاملي ۾ ملڪ دشمن عنصرن جي گهري نظر آهي،جيڪي امن امان کي خراب ڪرڻ ۾ مدد ڪري رهيا آهن انهن کي ڏسڻ جي ضرورت آهي ۽ ڪارروائي ڪئي وڃي.










