بوزدار وڏا (حسين ٽانوري)سنڌ جي ڀنڊار ۽ ڏنگي سامونڊي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي خلاف سول سوسائٽي ٽالپر وڏا ۽ قومپرست پارٽين جي سوين ڪارڪنن پاران سول سوسائٽي ٽالپروڏا اڳواڻ مير ڪاشف ٽالپر جساف اڳواڻ اعجاز پنهيار جي سڏ تي خانواهه پل کان پريس ڪلب بوزداروڏا تائين احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعري بازي ڪري پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي اڳواڻن مير حسن بوزدار ,مير هدايت ٽالپر ,خالق ڏنو خاصخيلي ,وقار پنهيار معشوق ڪورائي, سليم رضا ابوپوٽو, آڪاش پنهيار, رمضان قاضي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته وفاق پاران زبردستي سنڌ جي ملڪيت سامونڊي ٻيٽن تي قبضو ڪري سنڌين جي حقن تي ڌاڙو پئي هڻي جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول ڪونهي سنڌ امڙ مان نڪرندڙ گئس تيل بجلي سنڌ کان وڌيڪ وفاق ۽ پنجاب صوبو پيو استمال ڪري ٿو پوءِ به وفاق سنڌ سان هميشه ماٽيلي ماء وارو ورتاء ڪندي وئي اچي ھنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سنڌ جي ٻيٽن جي معاملي تي سنڌ حڪومت سنڌ جي ڀلائي خاطر سٺا قدم کڻي ۽ اسيمبلي بل پاس ڪري صدارتي آرڊيننس واپس وٺي نه ته ٻي صورت ۾ پنجاب ويندڙ روڊ رستا بلاڪ ڪري سخت احتجاج ڪيو ويندو.










