ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) سنڌ شماريات واري اداري جي ڊائريڪٽر مردم شماري جي نئين ڊيٽا جاري ڪري ڇڏي آهي.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي سنڌ شماريات واري اداري جي ڊائريڪٽر منور گھانگرو چيو ته سنڌ جي آبادي 5 ڪروڙ 50 لک کان وڌي وئي آهي، جن جو انگ 5 لک 85 هزار تائين پهچي ويو آهي.شماريات کاتي جي ڊائريڪٽر ٻڌايو ته ڪراچي جي آبادي 1 ڪروڙ 79 لک 65 هزار کان وڌي وئي آهي جڏهن ته حيدرآباد ڊويزن ۾ 1 ڪروڙ 19 لک 78 هزار 208 ماڻهو ڳڻيا ويا آهن.منظور گهانگرو موجب لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 79 لک 90 هزار 96، سکر ۾ 62 لک 14 هزار 842 ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن ۾ 59 لک 78 هزار 147 ماڻهن جي آدمشماري ڪئي وئي آهي.ان کان علاوه ميرپورخاص ڊويزن جي آدمشماري 49 لک 58 هزار 562 ٿي وئي آهي.










