ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ جان قربان ڪندڙ رينجرز جوانن جي شهادت تي فاتحه خواني ڪئي وئي. سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو ته شهيد جوانن جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي وڃي، دهشتگردي جي واقعي ۾ 5 دهشتگرد جهنم رسيد ٿيا. پيپلز پارٽي جي خاتون ميمبر صائمه آغا رينجرز جي شهيد جوانن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. صوبائي اسيمبلي جي ميمبر محمد اوائس چيو ته يونيورسٽي روڊ تي دهشتگردي جي واقعي جي مذمت ڪريون ٿا، جڏهن ته مسرت جبين بلوچستان جي علائقي دشت ۾ دهشتگردي جو نشانو بڻجندڙ خاندان لاءِ به دعا ڪئي. سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد چيو ته رينجرز جي شهيدن پاڪستان جي حفاظت خاطر جانين جو نذرانو ڏنو.










