ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي ريحانه لغاري سان ميمبر سنڌ اسيمبلي انٿوني نويد جي قيادت ۾ اقليتي نمائندن جي 8 ميمبر وفد ملاقات ڪئي ۽ مختلف شعبن ۾ اقليتن کي درپيش مسئلن ۽ اقليتن جي حقن جي تحفظ جي بابت بل تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي ريحانه لغاري چيو ته سنڌ حڪومت ڪڏهن به ڪنهن شعبي ۾ اقليتن سان گڏ فرق ناهي ڪيو ۽ هيمشه ان جي حقن جي تحفظ لاءِ آواز بلند ڪئي. سنڌ اسيمبلي ملڪ جو واحد قانون ساز ادارو آهي جنهن سڀني کان وڌيڪ اقليتن جي حقن جي تحفظ ڪئي ضمانت ڏني ۽ مختلف قانون متعارف ڪرايا. ريحانه لغاري اقليتي نمائندن جي وفد کي ضلعي سجاول ۾ اچڻ جي دعوت ڏني ۽ چيو ته اتي اچي ڪري اقليتي برادري جي ماڻهن سان ملاقات ڪن ۽ انهن کي اقليتي جي تحفظ جي بابت قانونن جي باري ۾ آگاهي فراهم ڪرڻ سان گڏو گڏ انهن کي پنهنجي صوبي جي خدمت لاءِ اڳتي آڻن. ان موقعي تي وفد شرڪت ڪندڙن کي چيو ته سرڪاري ملازمن ۾ اقليتي جو ڪوٽا مخصوص آهي ۽ انهن کي انهيءَ ڪوٽا جي تحت نوڪريون ڏنيون وينديون آهن، پر ڪجهه سرڪاري ادارن ۾ اقليتن کي مختلف پوسٽن تي ترجيح جي شرط طور اشتهار ڏنو ويندو آهي، جنهن کي ختم ٿيڻ گهرجي، ڪنهن به نوڪري ۾ اقليتن کي 100 سيڪڙو ڪوٽا ڏيڻ به قانون جي ڀڃڪڙي آهي. ان موقعي تي وفد جي نمائندن درخواست ڪئي ته اليڪشن کان اڳ قانونن ۾ ترميم ڪئي وڃي ۽ ضلعن ۾ اقليتي ضلعي ڪميٽون قائم ڪيون وڃن جيڪي ضلعي ۾ رهڻ واري اقليتي برادري جي مسئلن کي حل ڪري سگهي










