سمنڊ ۾ ڪرندڙ ڪارگو طياري جي گم ٿيل عملي جا گهر وارا ڏک ۾ ورتل

سمنڊ ۾ ڪرندڙ ڪارگو طياري جي گم ٿيل عملي جا گهر وارا ڏک ۾ ورتل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سمنڊ ۾ ڪرندڙ نجي ڪارگو طياري جي گم ٿيل عملي جا گهرا وارا ڏک ۾ ورتل آهن، عملي جي ميمبرن جي گهروارن کي طياري جي گم ٿيڻ جي خبر ميڊيا ذريعي پئي. نجي ڪارگو ڪمپني جي سمنڊ ۾ ڪري تباهه ٿيندڙ طياري جي گم ٿيل 5 ميمبرن جي گهرن تي سندن مائٽن ۽ دوستن جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي. عملي جي ميمبرن جي گهروارن کي طياري جي گم ٿيڻ جي خبر ميڊيا ذريعي ملي.نجي ڪارگو ڪمپني جي بوئنگ 737 طياري جا ڪيپٽن رضوان ادريس فائٽر پائلٽ هئا. پاڪستان ائيرفورس مان ريٽائرمينٽ کانپوءِ هن ڪمرشل ايوي ايشن ۾ شموليت اختيار ڪئي، هو هڪ انتهائي تجربيڪار پائلٽ هئا، انهن ڏينهن ۾ ڪيپٽن رضوان نجي ڪارگو ڪمپني جو طيارو اڏائي رهيا هئا.ڪيپٽن رضوان 5 ٻارن جو پيءُ هو، سندن 2 پٽ ٻاهرين ملڪ زير تعليم آهن، سندن ٻارن ٻڌايو ته سندن پيءُ سان آخري رابطو ڪلهه شام 7 وڳي ٿيو هو. سمنڊ ۾ ڪري تباهه ٿيندڙ طياري ۾ سوار ائيرڪرافٽ انجنيئر محمد عارف صديقي پي آءِ اي مان ڊپٽي چيف انجنيئر جي عهدي تان ريٽائر ٿيو هو. انجنيئر عارف صديقي 8 ٻارن جو پيءُ هو. عارف صديقي انهن ڏينهن ۾ طيارن جي مينٽيننس (مرمت) ڪندڙ هڪ نجي ڪمپني سان وابسته هئا. هنن شارجه مان روانگي کان اڳ گهر واريءَ کي فون ڪري ڪراچي روانگي جي اطلاع ڏني هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو