پرڏيهي پاڪستانين پاران ڊسمبر ۾ رڪارڊ رقم موڪلڻ تي شڪريو

پرڏيهي پاڪستانين پاران ڊسمبر ۾ رڪارڊ رقم موڪلڻ تي شڪريو

اسلام آباد)بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف ڊسمبر 2025 ۾ رڪارڊ ترسيلاتِ زر موڪلڻ تي اوورسيز پاڪستانين سان اظهارِ تشڪر ڪيو آهي.
هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته ڊسمبر 2025 دوران اوورسيز پاڪستانين 3.6 ارب ڊالر ترسيلاتِ زر موڪليا، جنهن تي هو سندن ٿورا مڃين ٿا۔
وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته ترسيلاتِ زر ۾ 16.5 سيڪڙو واڌ اوورسيز پاڪستانين جي حڪومتي پاليسين تي اعتماد جو اظهار آهي، جڏهن ته ملڪ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ ترسيلاتِ زر موڪلڻ وطن سان محبت جي اعليٰ مثال آهي۔
هن وڌيڪ چيو ته اوورسيز پاڪستاني اسان جو قيمتي سرمايو آهن، مون سميت سڄي قوم کي انهن تي فخر آهي، ۽ اوورسيز پاڪستانين جي ڀلائي لاءِ قدم کڻڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي

پهنجو تبصرو موڪليو