ٽنڊو محمد خان (ن سنڌيار)ٽنڊو محمد خان ۾ قوم پرست تنظيمن ؛ سول سوسائيٽي ۽ سماجي تنظيمن پاران ٽنڊو محمد خان ۾ منشيات جي سرعام وڪري خلاف ميونسپل آفيس آڏو ھڪ ڏيھن واري علامتي بک ھڙتالي ڪيمپ قائم ڪري ورتي اڳواڻن سليم سومرو ؛ شاھ فھد ڀٽي ؛ بلاول سومرو ۽ ٻين صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ کلي عام منشيات جا اڏا ھلي رھيا آھن جنھن جي سرپرستي پنجاب کان آيل عورتون ڪري رھيون آھن تازو ھڪ دڪان دار انور سومرو سان ماني جا پيسه گھرڻ تي ان کي سرعام تشدد ۽ موتمار ڌمڪيون ڏنيون ويون جنھن جي درخواست ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان کي ڏني وئي پر افسوس پوليس پاران اڃان تائين انھن خلاف ڪابه ڪاروائي عمل ۾ نه آندي وئي آھي هنن مطالبو ڪندي چيو ٽنڊومحمدخان شھر جي پوش علائقي ريلوي ڦاٽڪ ويجھو فحاشي جو اڏو ھلائيندڙ ؛ آئيس ۽ ھيروئين وڪڻندڙ پنجاب کان آيل عورتن خلاف فوري ڪاروائي ڪري دڪاندار انور سومرو کي انصاف فراھم ڪيو وڃي










