اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا کي سومر تائين حفاظتي ضمانت ڏئي ڇڏي آهي. سلمان اڪرم راجا جي خلاف داخل ڪيسن جي تفصيل حاصل ڪرڻ جي درخواست تي گهرو سيڪريٽري ۽ آءِ جي اسلام آباد کي نوٽيس جاري ڪيا ويا ۽ انهن کان جواب طلب ڪيو ويو.










