نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)قطر جي راڄڌاني دوحا ۾ حماس قيادت تي اسرائيلي حملي تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل اسرائيل جو نالو وٺڻ کانسواءِ حملن جي سخت مذمت ڪئي آهي. نيوز ايجنسي جي مطابق، آمريڪا سميت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي 15 ميمبر ملڪن مذمت جو بيان جاري ڪيو.گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي مذمت جو بيان برطانيه ۽ فرانس پاران تيار ڪيو ويو هو، جن قطر جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي حمايت ڪئي.نيوز ايجنسي جو چوڻ آهي ته سلامتي ڪائونسل غزه مان يرغمالين جي آزادي ۽ جنگ بندي کي اولين ترجيح قرار ڏنو.اهو ياد رکڻ گهرجي ته هن هفتي، اسرائيل قطر جي گادي واري هنڌ دوحا تي هوائي حملو ڪيو ۽ صهيونستي فوج جو نشانو فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي مرڪزي قيادت هئي.










