اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايران-آمريڪا جنگ جي مسئلي تي پاڪستان جون سفارتي ڪوششون جاري آهن، جنهن دوران سعودي عرب، ترڪي ۽ مصر جا پرڏيهي وزير پاڪستان جو دورو ڪندا.سفارتي ذريعن موجب، سعودي عرب، ترڪي ۽ مصر جا پرڏيهي وزير پاڪستان جو دورو ڪندا.ترڪي جي پرڏيهي وزير هاکان فيدان چيو آهي ته شروعات ۾ اسان هي ملاقات ترڪي ۾ ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان جي پاڪستاني ڀاءُ کي ملڪ ۾ رهڻو هو، تنهن ڪري ملاقات پاڪستان ۾ ٿي.هن چيو ته اسان جي ملاقات هن هفتي جي آخر ۾ پاڪستان ۾ ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن آمريڪا ايران سان ڳالهين کي ممڪن بڻائي ٿو يا ڪو معاهدو ڪري ٿو، ته ان کي اسرائيل تي اثر انداز ٿيڻ لاءِ به تيار رهڻو پوندو.ٻئي طرف، آمريڪي خاص نمائندي وٽڪوف چيو ته ايران سان ملاقات هن هفتي ٿيندي، ۽ ايران کان 15 نقطن واري تجويز تي جواب جي اميد آهي.










