سرڪاري اهلڪار تي تشدد ڪيس ۾ فرحان غني ساٿين سميت گرفتار

سرڪاري اهلڪار تي تشدد ڪيس ۾ فرحان غني ساٿين سميت گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) چنيسر ٽائون جي چيئرمين فرحان غني خلاف دهشتگردي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. سرڪاري ملازم حافظ سهيل جي شڪايت تي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سعيد غني جي ڀاءُ فرحان غني خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ دهشتگردي، قتل جي ڪوشش ۽ ٻيا قلم شامل آهن. ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته مدعي موجب 22 آگسٽ تي هو شارع فيصل سروس روڊ تي فائبر ڪيبل وڇائڻ جي ڪم جي نگراني ڪري رهيو هو، جڏهن 20 کان 25 ماڻهو 3 گاڏين ۾ آيا، جن ۾ فرحان غني، قمر احمد، شڪيل ۽ ٻيا شامل هئا. ايف آءِ آر موجب، جوابدار پڇيو ته توهان ڪنهن جي اجازت سان زمين کوٽائي رهيا آهيو؟ مون انهن کي ٻڌايو ته اهو سرڪاري ڪم آهي، اهو سڀني ادارن جي اين او سي سان ڪيو پيو وڃي، پر انهن ماڻهن مون تي تشدد ڪيو، ايستائين جو مون کي مارڻ جي ارادي سان هٿيار به ڏيکاريا. ايف آءِ آر موجب، مدعي چيو ته کيس ويجهي پيٽرول پمپ جي ڪمري ۾ وٺي ويا ۽ تشدد ڪيو ويو ۽ پوءِ هڪ پوليس موبائل آئي ۽ کيس بچايو ۽ پوليس اسٽيشن تي کڻي آئي.ذريعن موجب، فرحان غني سميت ڪيترائي ٻيا ماڻهو هن وقت حراست ۾ آهن، پر پوليس اڃا تائين ان جي تصديق نه ڪئي آهي.هوڏانهن سعيد غني چيو آهي ته منهنجي ڀاءُ فرحان غني (ٽائون چيئرمين) ۽ ڪجهه ساٿين جو ڪالهه سهيل نالي هڪ شخص سان جهيڙو ٿيو هو ۽ اڄ هن ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي جيڪو سندس قانوني حق آهي. فرحان غني سميت سڀئي ماڻهو قانون کي منهن ڏيندا ۽ پاڻ کي گرفتاري لاءِ پيش ڪري عدالت ۾ پنهنجي بي گناهي ثابت ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو