سرينگر ۾ نوگام پوليس اسٽيشن تي ڌماڪو، 7 ڄڻا مارجي ويا

سرينگر ۾ نوگام پوليس اسٽيشن تي ڌماڪو، 7 ڄڻا مارجي ويا

سرينگر (ويب ڊيسڪ)والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي شهر سرينگر ۾ نوگام پوليس اسٽيشن جي ڪمپائونڊ ۾ هڪ زوردار ڌماڪي کانپوءِ باهه لڳي وئي، ڀارتي ميڊيا موجب ڌماڪو ضبط ٿيل امونيم نائٽريٽ جي ڌماڪي سبب ٿيو، جنهن ۾ ست ماڻهو مارجي ويا ۽ 27 زخمي ٿيا. شروعاتي رپورٽن موجب، ڌماڪي سبب پوليس اسٽيشن اندر وڏي تباهي ٿي، ڪيتريون ئي گاڏيون مڪمل طور تي باهه ۾ سڙي ويون جڏهن ته عمارت جا ڪجهه حصا پڻ سخت نقصان پهتا.اختيارين خدشو ظاهر ڪيو آهي ته فوتين جو انگ وڌي سگهي ٿو، پر واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو