سرحدي بندش، افغانستان کي هڪ مهيني ۾ 45 ملين ڊالر جو نقصان

سرحدي بندش، افغانستان کي هڪ مهيني ۾ 45 ملين ڊالر جو نقصان

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ وفاقي حڪومت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته طورخم سرحد جي بندش سبب هڪ مهيني ۾ افغانستان کي 45 ملين ڊالر جو نقصان ٿيو جڏهن ته افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي نالي تي اسمگلنگ سبب پاڪستان کي ساليانو 3 کرب 42 ارب روپين جو نقصان ٿيندو رهيو.افغانستان سان واپاري بندش عام پاڪستاني جي زندگي تي تقريبن وڌيڪ اثر نه پيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي 11 آڪٽوبر 2025 تي افغان سرحد بند ڪرڻ رد عمل نه پر واپاري نظام جي اصلاح جو سبب آهي، پاڪستان اهي سمورا رستا بند ڪيا جيڪي اسمگلنگ، منشيات، غيرقانوني هٿيار ۽ دهشتگردي جا بنيادي ذريعا هئا.سيڪيورٽي ذريعن موجب افغانستان جو 70 کان 80 سيڪڙو واپار پاڪستان جي روڊن ۽ بندرگاهن سان ٻڌل آهي، افغانستان ۾ سامان ڪراچي جي رستي 3 کان 4 ڏينهن ۾ پهچندو آهي، جڏهن ته ايران جي رستي تان 6 کان 8 ڏينهن ۾ پهچندو.وچ ايشيائي ملڪن جا رستا واپاري سامان کي افغانستان لاءِ 30 ڏينهن کان به وڌيڪ لڳي ويندا. افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي نالي تي اسمگلنگ جو سامان پاڪستان ۾ داخل ٿيندو رهيو. حقيقتن موجب پاڪستان کي هر سال 3.4 کرب روپين جو نقصان اسمگلنگ سان ٿيندو هو. افغان ٽرانزٽ مان تقريبن 1 کرب روپين جو سامان واپس ايندو هو جيڪو اضافي نقصان جو سبب بڻجندو هو.طورخم بارڊر جي بندش سبب هڪ مهيني ۾ افغانستان کي 45 ملين ڊالر جو نقصان ٿيو، ڪجهه هفتن ۾ افغانستان لاءِ سمورين سرحدن جو گڏيل نقصان 200 ملين ڊالر کان وڌي ويو، 5000 کان وڌيڪ ٽرڪ ڦاٿل آهن. افغانستان جي فصلن ۽ فروٽ جو پاڪستان جي منڊين ۾ انتظار هو جيڪي هاڻ يا ته خراب ٿي ويون، يا پوءِ انهن کي افغانستان ۾ ئي انتهائي گهٽ قيمت تي وڪرو ڪرڻو پيو.

پهنجو تبصرو موڪليو