نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)ڪرڪيٽ آسٽريليا ڊيوڊ وارنر جي ڪپتاني تان پابندي هٽائي ڇڏي آهي.ڪرڪيٽ آسٽريليا جي ڪنڊڪٽ ڪميشن جائزو وٺڻ کانپوءِ اڳوڻي اوپنر ڊيوڊ وارنر جي ڪپتاني تي لڳل پابندي ساڍا 6 سالن کانپوءِ ختم ڪري ڇڏي آهي.انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرڊ ۽ ليگ ڪرڪيٽ ۾ سرگرم ڊيوڊ وارنر ڪپتان بڻجي سگهي ٿو، جڏهن ته ڊيوڊ وارنر به بي بي ايل ۾ سڊني ٿنڊر جي ڪپتاني جو اهل آهي. ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب وارنر سمورا معيار پورا ڪيا جنهن تي 3 رڪني پينل پابندي ختم ڪئي.ڊيوڊ وارنر به ڪنڊڪٽ ڪميشن آڏو بيان ڏنا، جڏهن ته پيٽ ڪمنز، اينڊريو ميڪڊونلڊ، گريگ چيپل، ليزا ٿاليڪر ۽ ڪين وليمسن به ٻڌڻي ۾ ڪردار جا ريفرنس ڏنا.ڪرڪيٽ آسٽريليا جي چيف ايگزيڪيوٽو نڪ هاڪلي ڊيوڊ وارنر جي ڪپتاني تان پابندي هٽائڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي. واضح رهي ته ڊيوڊ وارنر تي بال ٽيمپرنگ اسڪينڊل کانپوءِ 2018 ۾ پابندي مڙهي وئي هئي ۽ ان وقت ڪرڪيٽ آسٽريليا ڊيوڊ وارنر تي تاحيات قيادت جي پابندي لاڳو ڪئي هئي.










