سانگهڙ: (ن س) کاهي ٿاڻي جي حد ۾ گذريل ڏينهن قتل ٿيل هاري ڀيرو ڪولهي جي وارثن پاران جوابدارن خلاف اڃان تائين ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف لاش رکي احتجاجي ڌرڻو ٻئي ڏينهن به جاري آهي.مظاهرين فتح چوڪ تي لاش رکي سخت احتجاج ڪيو، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ مردن، عورتن ۽ ٻارن شرڪت ڪئي. احتجاج سبب کاهي، عمرڪوٽ ۽ غلام نبي شاهه ويندڙ شاهراهه هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند ٿي وئي، جنهن ڪري مسافرن کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو.مظاهرين جو چوڻ آهي ته مقتول جي قتل جو ڪيس فوري طور داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو. هوڏانهن سخت گرمي باوجود سوين ماڻهو ڌرڻي ۾ موجود رهيا.










