راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد دعويٰ ڪئي آهي ته مقرري واري مسئلي ۾ نواز شريف ۽ شهباز شريف هڪ پيج تي ناهن.ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته سڄو جڳ عمران خان پٺيان پئجي ويو آهي پر هو سڀني کي شڪست ڏيندو.هن چيو ته مقرري واري مسئلي تي نواز شريف ۽ شهباز شريف هڪ پيج تي ناهن، هاڻ پي ڊي ايم جو ٻوجهه ڪير نٿو کڻي سگهي.اڳوڻي گهرو وزير چيو ته چين هماليا کان بلند ۽ هر موسم جو دوست آهي، انڪري چين جي دوري تبصرو نٿو ڪرڻ چاهيان، سڄي دنيا ڄاڻي ٿي ته غير مقبول سامراجي حمايت يافته سازشي حڪومت ڪجهه هفتن جي مهمان آهي، پنڻن کي ڪير خيرات نه پيو ڏئي، رڳو تصويرون ڪڍرائي رهيا آهن.شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته حڪومت روسي سينيٽر جي يوڪرين جي امداد واري الزام جو جواب ڏي.










