ڪراچي(ويب ڊيسڪ)شوبز انڊسٽري جي مشهور ۽ رومانوي جوڙي منيب بٽ ۽ ايمن خان کي ڀارتي فلم ڏسڻ لاءِ سڄو سينما گهر بڪ ڪرڻ تي مداحن طرفان تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. منيب بٽ 21 ۽ 22 مارچ جي وچ واري رات انسٽاگرام اسٽوري تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ هو پنهنجي زال ايمن خان کي ٻڌائي رهيو آهي ته هن سندس لاءِ مڪمل سئنيما بڪ ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ جيڪڏهن هو ڀارتي فلم ’گنگو بائي ڪاٺياواڙي‘ کي پسند نه آئي ته اسين ٻئي فلم ‘يه نه ٿي هماري قسمت’، ڏسنداسين. مختصر وڊيو ۾ منيب بٽ پاڻ ته نظر نٿو اچي پر سندس زال ايمن خان کي ڏسي سگهجي ٿو. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته سئنيما هال خالي آهي، جڏهن ته ايمن خان کان علاوه ڪجهه ٻيا ماڻهو به اتي نظر اچي رهيا آهن.










