ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ريڊ لائن بس منصوبو انفراسٽرڪچر کي جديد بڻائڻ طرف هڪ قدم آهي.شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ ريڊ لائين منصوبي بابت اجلاس ٿيو.اجلاس ۾ کيس بس ڊپو ۽ ٽرمينلز جي تعميراتي ڪم ۾ اڳڀرائي بابت به بريفنگ ڏني وئي.اجلاس کي خطاب ڪندي شرجمل ميمڻ جو چوڻ هو ته ڪوششون جاري آهن ته منصوبي کي مقرر وقت تي مڪمل ڪيو وڃي.صوبائي وزير جو اهو به چوڻ آهي ته هو ريڊ لائين بس منصوبي ۾ وڌيڪ دير برداشت نٿا ڪري سگهن.










