ريپ ڪيس جي ٻن جوابدارن کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا

ريپ ڪيس جي ٻن جوابدارن کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا

ميرپور ماٿيلو(ن س) ايڊيشنل سيشن جج ميرپور ماٿيلو سميع الله قريشي جي عدالت ريپ ڪيس جي ٻن جوابدارن کي عمر قيد ۽ ٻه ٻه لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي. پاڪستان پينل ڪوڊ جي سيڪشن 365 بي هيٺ جوابدارن کي سزا ٻڌائي وئي آهي. نوجوان ناري کي اغوا ڪري ڪوڙو نڪاح ڄاڻائي جنسي تشدد جي ڏوهه ۾ جوابدار صابر علي شاهه ولد الله بخش شاهه (سائي پٽڪي وارو) ساٿي جوابدار محمد علي ڀٽي ولد نياز محمد جي مدد سان اغوا ڪري ريپ ڪندا رهيا. بعد ۾ پوليس جڏهن ڇوڪري برآمد ڪئي ته هن عدالت ۾ نڪاح جو انڪار ڪيو ۽ جوابدارن تي ريپ جو الزام مڙهيو هو. عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن ٻه ٻه لک ڏند ادا نه ڪندا ته ان صورت ۾ 6 مهينا هر هڪ وڌيڪ قيد ڪاٽيندو. عدالت اهو به حڪم ڏنو آهي ٻئي جوابدار پنج پنج لک روپيا هرجاڻو متاثره ناري مائي (ع) کي ادا ڪندا. هرجاڻو ادا ڪرڻ لاءِ سندن ملڪيت ضبط ڪري نيلام ڪئي ويندي. ڏاڍ سان اغوا ۽ زوري جنسي زيادتي جو هي ڪيس ڪچي جي ريتي ٿاڻي تي 2020 ۾ داخل ڪيو ويو هو. ياد رهي ته پاڪستان ۾ ريپ ڪيس ۾ تمام گهٽ ڪيسن ۾ جوابدارن کي سزا ملندي.

پهنجو تبصرو موڪليو