ريس دوارن وين ڪلٽي ڊرائيور سميت 4 ڄڻا قتل

ريس دوارن وين ڪلٽي ڊرائيور سميت 4 ڄڻا قتل

نوابشاهه (ن سنڌيار) نوابشاهه ۾ ٻن وينن ۾ ريس لڳائڻ دوران خوفناڪ حادثو پيش آيو آهي، تيز رفتار هڪ وئن ڪلٽي ٿي پئي، قاضي احمد نوابشاهه روڊ تي هڪ عورت ۽ وئن ڊرائيور سوڌو 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، مسافرن جو چوڻ هو ته حادثو ٻن وينن ۾ ريس لڳائڻ دوران پيش آيو، فوتين ۾ عورت الله وسائي ڪٻر، ذوالفقار ڪٻر شامل آهن، ٻن ٻين فوتين جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي. تيز رفتاري سبب پيش آيل حادثي ۾ وين ڊرائيور به فوت ٿي ويو، سندس سڃاڻپ نه ٿي سگهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو